شمس الدين شمسي

شمس الدين ‘شمسي’: مشهور اديب شمس الدين ولد غلام حيدر ناريجو ڳوٺ بخش لاکير، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ 1921ع ڌاري پيدا ٿيو. هيءُ پنهنجي دور جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ شاعري ۾ شمسي تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس ڪتابن ۾: شاهه مدينو، نوراڻو محلات، گلزار شمسي، سرهاڻ ۽ هو جمالو قابل ذڪر آهن. سندس شاعريءَ ۾ استاد محمد رمضان ثاقب منگي هو.
شمس الدين شمسي 1994ع ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو